SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Southern Cone

(click word to listen sound
  • 🔊
  • sʌðən
  • koun
  • )

From the Dictionary of International Relations:

Southern Cone

سدرن ڪون

ڏاکڻي ڪنڊ

هن اصطلاح کي ڏکڻ آمريڪا جي ملڪن جن جو جاگرافيائي طرح نقشو مخروط (Cone) شڪل جهڙو آهي هي اصطلاح هنن ملڪن جي سياسي ۽ تجاورتي تعلقات کي واضح ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو آهي، هن خطي ۾ چلي، ارجنٽائين، برازيل، بوليويا، پيراگوائي ۽ يوروگوائي جا ملڪ ۽ آنديان جو علائقو، اميزان (وڏي ندي) ۽ سينسس نديءَ جو نهري نظام اچي وڃي ٿو. جيتوڻيڪ نقشي ۾ برازيل آمريڪي کنڊ ۾ گهڻو ڏاکڻي طرف موجود ناهي، پر سياسي ۽ معاشي طور تي مستحڪم هجڻ ڪري، ”ڏاکڻي چوٽي“ سان سندس تعلقات تمام گهرا آهن. حالانڪه برازيل ۽ ارجنٽائين، چلي ۽ ارجنٽائين جا ملڪي سرحدن جي معاملن تي هڪٻئي سان جهيڙا به رهيا، پر 1990ع ۾ انهن مُلڪن وچ ۾ واپاري ۽ سياسي سهڪار جا ڪيترائي معاهدا ٿيڻ سبب ويجهڙائيون وڌيون. انهن معاهدن منجهان ڏاکڻي آمريڪي مُلڪن وچ ۾ واپاري معاملن ۾ ٿيل سهڪار ”Mercosur“ کي تمام گهڻي اهميت حاصل آهي. هڪ حوالي سان هنن ملڪن جون سرگرميون ۽ تعلقات ڪنهن حد تائين آمريڪا جي حڪومت لاءِ خطري جي گهنٽي طور سمجهيا وڃن ٿا. هنن ملڪن جي گڏيل آبادي ڏکڻ آمريڪا کنڊ جي 49 سيڪڙو بيهي ٿي ۽ اها کنڊ جي واپاري سرگرمين ۾ 56 سيڪڙو حصو وٺي ٿي. هنن ملڪن جا پاڻ ۾ تعلقات مضبوط ڪرڻ ۽ علاقائي سهڪار وڌائڻ ۾ برازيل جو تمام وڏو هٿ آهي. برازيل کي آمريڪي ”سدرن ڪون“ ۾ انتهائي اهم ۽ مرڪزي حيثيت حاصل آهي


Remember Me Also:

اريبري

ذ. ٻارن جي راند ۾ استعمال ٿيندڙ هڪ بي معنيٰ لفظ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal